بلوچستانپاڪستان

افغان فورسز جي پاڪستاني حدن ۾ گولي باري،ٻارن سميت 6 شهري شهيد،17 زخمي

بلوچستان جي علائقي چمن ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز انساني آبادي تي شديد گولي باري ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت 6 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب افغان بارڊر فورسز جي جارحيت تي پاڪستان جي سرحدي جٿن به اثرائتو جواب ڏنو پر علائقي ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب واقعي بعد پاڪستان ڪابل ۾ افغان اختيارين سان رابطو ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ليويز اختيارين موجب پاڪ- افغان سرحد بابِ دوستي کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ٻه طرفو واپار معطل ڪيو ويو آهي ۽ ڪسٽم هائوس کي خالي ڪيو ويو آهي. ليويز عملدارن موجب باب دوستي جي ٻنهي پاسن کان مال کڻي ايندڙ ۽ خالي ٽرڪون ڦاٿل آهن. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مالڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ 8 زخمين کي وڌيڪ علاج لا ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ هنگامي حالتون پڻ لاڳو ڪيون ويون آهن، چمن مان 2 لاش ۽ ڇهن زخمين کي ڪوئيٽا سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن ۾ هڪ ٻار ۽ هڪ مرد شامل آهن. هوڏانهن ذريعن موجب چمن جي پاڪ-افغان سرحد ڪلي شيخ لال محمد تي افغانستان ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ زمين جي تڪرار تان چڪريون شروع ٿيون، ٻنهي پاسن کان ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي پاسي سرحدي علائقن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. ان کان اڳ 15 نومبر تي به چمن ۾ افغان حدن مان اڻڄاتل هٿياربند شخص فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا، جنهن بعد پاڪ- افغان سرحد کي اڻڄاتل مدي لا بند ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button