پاڪستان

کپايان يا ڇا به ڪريان، منهنجي گهڙي-منهنجي مرضي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشا خاني واري گهڙي کي پنهنجي ذاتي ملڪيت مڃيندي چيو آهي ته اها منهنجي ذاتي گهڙي آهي، ڇو ان جي پٺيان پيا آهيو، آئون پنهنجي گهڙي وڪرو ڪريان يا کڻي ڪجهه به ڪريان، اها منهنجي مرضي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ڪٿان کي ڪٿي پهچي وئي آهي ۽ معيشت لوڏن ۾ آهي پر سڀئي منهنجي گهڙي جي پٺيان پئجي ويا آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن ملڪ جا قرض وڌندا پيا وڃن ته ڪير ان مسئلي تي ڇو نٿو ڳالهائي؟ ملڪ ۾ ڊالر گهٽجندا پيا وڃن، اهڙي صورتحال ۾ اسان پئسا ڪٿان ۽ ڪيئن ادا ڪري سگهنداسين، جڏهن ايڪسپورٽ ئي نه وڌندي ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو. عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سميت هر طبقي کان پڇان ٿو ته ڇا اوهان کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ناهي ته پاڪستان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، اسان کي سليڪٽڊ چوندا هئا، هاڻي ته ڪنهن کي شڪ نه ٿيڻ گهرجي ته سليڪٽڊ ڪير آهي؟ سڀني کي خبر آهي ته جنر ( ر ) قمر جاويد باجوا هنن کي اين آر او ٽو ڏنو، ملڪ معاشي تباهي ڏانهن وڌي رهيوآهي، اسان کي ان بحران مان چونڊون ئي ڪڍي سگهن ٿيون پر نواز شريف ۽ آصف علي زرداري چونڊن ۾ دير ڪرائڻ چاهين ٿا، اسان پنهنجي طئي ڪيل شيڊيول تحت اسيمبلين مان نڪري اينداسين، مخالف مون کي نااهل ڪرڻ لاءِ ڪيس ڳولي رهيا آهن، ادارن کي ملڪ جو سوچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نئون آرمي چيف آيو آهي، اڃا تائين ڪا تبديلي نظر نه آئي آهي، تنهن ڪري کيس وقت ڏيڻ گهرجي، اسان جنرل عاصم منير بابت ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون ۽ ڏاڍيون تعريفون ٻڌيون آهن، هو قرآن جو حافظ آهي، اميد آهي ته جنرل عاصم امر بالمعروف تي هلندو، اسان کي آرمي چيف مان وڏيون اميدون آهن. ٻئي طرف ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته ملڪ جي تباهي کي سمجهڻ لاءِ اعظم سواتي تي تشدد ۽ سليمان شهباز جي وطن واپس اچڻ جا ٻه واقعا ئي ڪافي آهن، اعظم سواتي کي هڪ کان ٻئي صوبي ۾ گهلڻ جو سلسلو جاري آهي، ان جي ابتڙ اربين رپين جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث سليمان شهباز کي اين آر او-2 ذريعي ڇنڊي ڦوڪي پاڪ صاف ڪيو ويو ۽ هو پاڪستان موٽي آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button