پاڪستان

گذريل حڪومتي دور ۾ ڳرا قرض کڻي معاشي بحران پيدا ڪيو ويو:اسحاق ڊار

پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان گورنر هائوس لاهور ۾ اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر چيو ته وزيراعظم، پارٽي ۽ پوري قوم جون نظرون اوهان ۾ آهن، انشاءالله اوهان ۽ اوهان جي تجربيڪار ٽيم جلد ملڪ کي معاشي ڏکيائين مان ڪڍي وٺندي هن چيو ته اوهان ۽ اوهان جي پوري ٽيم جون ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ ترقي جو سفر نئين عزم ۽ جذبي سان ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. بليغ الرحمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پوري وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت ڪوشان آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته حالتون مشڪل ضرور آهن پر معيشت جي ڏهائين سميت ٻين شعبن ۾ استحڪام آيو آهي. وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ رڪارڊ خسارو ۽ ڳرن قرضن جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پهريان به ملڪ کي مشڪلات ۽ بحرانن مان ڪڍيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته 1999 ۾ ملڪ جي دفاع کي مضبوط بنائڻ لاءِ ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ معاشي پابندين جي باوجود ۽ 2013ع ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ۽ معاشي بحران ۾ مسلم ليگ (ن) مشڪل حالت ۾ ملڪ ۾ استحڪام آندو هو. هن چيو ته هاڻي به اها ئي تجربو رکندڙ ٽيم ملڪ ۾ معاشي بحران ختم ڪري معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button