
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾مبينا 200 ڪارن جي ڦر ڪيسن ۾ گهربل جوابدارکي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس طرفان جاري فوٽو ۾ جوابدار جو لاش ڪار جي سيٽ تي ئي پيل هو. خبر موجب حيدرآباد ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ 2 سئو گاڏيون ڦر ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ ملوث ڏوهاري کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر جي ارادي جا گهمندڙ جوابدارن ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار ڏهرڪي واسي ذاڪر حسين ڏهر زخمي ٿي پيو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار حيدرآباد سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پوليس طرفان جاري ڪيل تصوير ۾ مارجي ويل شخص جو لاش ڪار جي سيٽ تي پيل نظر اچي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار 200 ڪار لفٽنگ ۽ ڦر جي ڪيسن سميت 25 ٻين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جنهن خلاف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيس داخل هئا. پوليس موجب جوابدار گاڏيون چوري ڪندي سي سي ٽي وي ۾ نظر ايندو رهيو آهي، جوابدار هن وقت ڪراچي جي علائقي گلشن حديد فيز ون ۾ رهندو هو. پوليس ترجمان موجب جوابدار جو پي فياض ڏهر 7 کان وڌيڪ ڪيسن، سندس ڀا علي جان ڏهر 2 ڪيسن ۽ سئوٽ 16 ڪيسن ۾ گهربل آهن. جوابدار 26 فيبروري 2022ع تي حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان خالد احمد جي سوڪ ڪار چوري ڪئي. ساڳئي ٿاڻي جي حد مان ڪرولا ڪار چوري ڪئي. 15 جون تي هٽڙي ٿاڻي جي حد مان غلام رسول جويو جي ڪرولا ڪار چوري ڪئي. حسين آباد ٿاڻي جي حد مان منٺار خاصخيلي جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. ڪينٽ ٿاڻي جي حد مان 2 ڪارون چوري ڪيون. عدالت ۾ ايندڙ محمد صالح جي سوزوڪي الٽو ڪار چوري ڪئي. سول ڪورٽ ايندڙ بشرى ڪنول جي سوزوڪي الٽو ڪار چوري ڪئي. جي او آر ٿاڻي جي حد سنڌ ميوزيم مان محمد عمران جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. اسٽيٽ لائيف بلڊنگ مان الهداد جي مهراڻ ڪار چوري ڪئي. نسيم نگر مان 3 ڪارون پڻ چوري ڪيون.