مورو: ٽي ڏينهن اڳ مورو ڀرسان ڳوٺ لعل بخش سولنگي ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿيل 9 سالن جي ٻارڙي ماھنور ڌي افشد علي ماڇي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو صحت کاتي جي صوبائي وزير نوٽيس وٺندي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. جڏهن ته صوبائي وزير جي ھدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر شاھزيب شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر حسان ظفر، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسد ڪلھوڙو ۽ ٻيا فوت ٿيل ٻارڙي جي پي سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي. هنن چيو ته واقعي بابت ڪاميٽي جوڙي آھي، واقعي ۾ جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر يا عملو ملوث ھوندو ته ان کي سخت سزا ڏني ويندي. ٻي طرف ڊپٽي ڪمشنر تعلقا اسپتال پھچي ڊاڪٽرن کان معلومات ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close