پاڪستانسنڌ

ٻانڌي ڀرسان ايس ايڇ او خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻُو، باهيون

ٻانڌي: ٻانڌي ڀرسان ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف بابر آرائين، شان آرائين ۽ طارق آرائين جي اڳواڻي ۾ مھراڻ ھا وي تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته دڪاندار عامر آرائين ننڍي ڀاءُ جي شادي جي دعوت پوليس عملي کي ڏيڻ لاءِ ٻانڌي ٿاڻي تي ويو ته ايس ايڇ او کيس ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو ۽ رشوت طلب ڪئي، جڏهن ته رشوت نه ڏيڻ تي عامر آرائين تي ڪيس داخل ڪري چالان ڪري ڇڏيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته گھر ۾ 16 ڊسمبر تي شادي جو ڪاڄ آھي، پر پوليس اسان سان ناجائزي ڪئي آھي. ھنن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ وسوارن کان گھر ڪئي ته نوجوان دڪاندار عامر آرائين مٿان داخل ڪيس ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button