پاڪستانسنڌ

معاشي تباهي ۾ آ ايم ايف زنجيرون پارائي ڇڏيون آهن:وزيراعظم

حيدرآباد/سکر: وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف چيو آهي ته جنيووا ۾ ٿيندڙ ڊُونرز ڪانفرنس ۾ ڪشڪول کڻي نه وينداسين، پنهنجو حق وٺڻ لا آواز اٿارينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ ايئرپورٽ سول ايويئيشن جي آڊيٽوريم ۾ “حيدرآباد کان سکر M6 موٽروي منصوبي” جي افتتاحي تقريب کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن بلديا اعلى حيدرآباد لا وفاقي وزير امين الحق جي مطالبي تي وفاق پاران هڪ ارب ۽ صوبائي حڪومت پاران هڪ ارب روپيا روپين جو خصوصي ترقياتي پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته معاشي تباهي پوئين حڪومت ڪئي، هاڻ آ ايم ايف جون تمام سخت شرطون آهن جن باقائده پيرن ۾ زنجيرون پارائي ڇڏيون آهن، سيلاب کانپو خراب صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پر همٿ هارائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، رب جي مدد سان گڏيل حڪومت جهڙي ريت ڪم ڪري رهي آهي، اسان عوام جي ڏکن کي وڌيڪ گهٽائينداسين. هن چيو ته موجوده سال ۾ ٻوڏ ملڪ ۾ وڏي تباهي آندي آهي سڀ کان وڌيڪ سنڌ متاثر ٿي، بلوچستان، ڪي پي ڪي، نوشهرا ۽ جنوبي پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ به تباهي ٿي آهي، مجموعي طور پاڪستان جا ڪروڙين ماڻهو هن برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن توڙي لاڳاپيل ادارن سان گڏجي متاثرن جي بحالي لا ڀرپور ڪوششون ڪيون، وفاق حڪومت 70 ارب روپيا لکين متاثر خاندانن کي في خاندان 25 هزار روپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڏنا، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن هن وقت تائين 100 ارب روپين کان وڌيڪ رقم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا خرچ ڪيو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن به مدد ڪئي، پر ايتري وڏي تباهي ٿي جنهن جو اندازو لڳائڻ آسان ڪم نه هيو، 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، 9 جنوري تي جنيووا ۾ “ڊونرز ڪانفرنس” ٿي رهي آهي، جتي اسان ڪشڪول کڻي نه وينداسين، پر پنهنجو حق گهرنداسين. وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سڀني سان گذارش آهي ۽ اوهان جو حق به آهي ته جتي اسان جي غلطي هجي ان جي نشاندگي ڪيو، اسان معذرت به ڪنداسين ۽ بهتري جو واعدو به ڪنداسين، پر هن وقت پوري ملڪ ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ٿي رهي آهي ته واپاري ۽ هارين ٻاهر ڇو نٿا نڪرن. هن عمران خان جو نالو وٺڻ بغير چيو ته اوهان ان وقت هارين کي ٻاهر نڪرڻ لا سڏ ڇو نه ڏنو، جڏهن اوهان هارين کي ڀاڻ نه ڏنو ۽ ڀاڻ پاڪستان ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو هو؟. اوهان ان وقت ڪاروباري ماڻهن کي ٻاهر ڇو سڏ نه ڪيو جڏهن کنڊ ملڪ کان ٻاهر موڪلي پئي وئي ۽ ايڪسپورٽرز جي تجوريون ڀري رهيا هئا ۽ اها کنڊ واپس امپورٽ ڪري اربين روپيا خرچ ڪيا، ڪڻڪ اڪسپورٽ ڪري امپورٽ ڪئي؟. اوهان ان وقت عوام کي ٻاهر نڪرڻ لا ڇو نه چيو ته آئون گئس يونٽ ٻن ڊالرن تي ملي رهئي هئي، پر خريد نه ڪري سگهيس؟. خدارا هوش ڪيو، جيڪڏهن اوهان کي قوم جي حالتن جو اندازو آهي، جيڪو “اوهان کي آهي” پر پرواهه ناهي، اوهان جو دل پٿر جو آهي، هن قوم جي بحالي لا ڪوشش ڪيو. هن چيو ته هي قوم وڏو شعور رکندڙ قوم آهي، جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن موٽروي منصوبي بابت ڳالهائيندي چيو ته M6 منصوبي جو افتتاحي سکر ۾ ڪيو ۽ هي ٻيو افتتاح حيدرآباد ۾ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته موٽرويز جهڙي عظيم منصوبن جي باني ميان محمد نواز شريف جي قومي بصيرت ۽ سوچ هئي جنهن اڄ پشاور کان سکر تائين پوري پاڪستان ڳنڍي ڇڏيو آهي، جنهن جي مقصد کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته حيدرآباد سکر جو هي منصوبو 306 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي ۽ هن منصوبي تي 307 ارب روپيا خرچ ٿيندا، جڏهن ته هي منصوبو 30 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير امين الحق جي گڏيل مطالبي بابت ڳالهائيندي چيو ته ميان نواز شريف جي موٽروي جو رکڻ وارو مقصد ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي شامل نه هجن، هن خطاب دوران وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال کان مخاطب ٿيندي چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي موٽروي بابت فوري طور پلاننگ شروع ڪرائيندي فزيبليٽي رپورٽ ٺهرائن، وفاقي وزير مواصلات مولانا اسعد محمود هن کي جنگي بنيادن تي ٽيڪ اپ ڪري، وزير اعلى سنڌ هڪ ويزنري چيف منسٽر آهي، هن سان گڏ ويهي زمين جي حوالگي بابت پلاننگ ڪئي وڃي. هوڏانهن وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف سکر پھچي سکر-حيدرآباد ايم 6 موٽر وي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، وفاقي وزير احسن اقبال، وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا وفاقي ۽ صوبائي وزير پڻ موجود ھئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف چيو ته ھي 306 ڪلو ميٽر جو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو، ايم 6 منصوبو مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ اتر کان ڏکڻ طرف سمورو موٽر وي مڪمل ٿي ويندو. ايم 6 منصوبو 30 مھينن اندر مڪمل ڪيو ويندو ھن منصوبي جي معيار تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم 6 موٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ تاريخي ڏينھن آھي جو ھڪ اھم منصوبي جو سنگ بنياد رکيو آھي، ھن منصوبي تي ٻنھي طرفن کان ڪم شروع ڪيو ويندو. ھن چيو ته ايم 6 موٽر وي تي صرف سنڌ نه پر پوري پاڪستان جي عوام کي سفر جي سھولت ميسر ٿيندي، موٽر وي منصوبو گذريل 3 سالن کان تاخير جو شڪار رھيو آھي، ھاڻي ھي منصوبو جلد مڪمل ڪري عوام کي سفر جي بھتر سھولت فراھم ڪئي ويندي. اڳئين پي ٽي آئي حڪومت کان ڪا به اميد نہ ھئي، ان لاءِ ڪڏھن به عوامي منصوبن لاءِ ڪو به مطالبو نه ڪيوسين. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي جو سنگ بنياد ھڪ تاريخي اھميت رکي ٿو، ان جي شروع ٿيڻ سان مقامي ماڻھن لاءِ 25 ھزار نوڪريون پڻ پيدا ٿينديون، جڏھن ته نيشنل ھاءِ وي کي ھرگز نظر انداز نه ڪيو ويندو. ان لاءِ وزيراعظم پاڪستان کي پڻ فنڊن جي درخواست ڪئي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف کي ھن روڊ تي سفر ڪرڻ جي خصوصي دعوت ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سيلاب متاثرين جي مدد لاءِ وزير اعظم پاڪستان کي درخواست ڪئي آھي ته ھو سنڌ اندر سيلاب متاثرين علائقن جو پڻ دورو ڪندو، جڏهن ته اسان وفاقي وزير مواصلات اسعد محمود کي پنھنجي خدشن جو پڻ اظھار ڪيو، جنھن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button