اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن فريال ٽالپر خلاف نااهلي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي فريال ٽالپر خلاف نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي فريال ٽالپر جي نااهلي بابت درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سندس خلاف نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته فريال ٽالپر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا، نااهلي لاءِ جوڳا ثبوت ۽ مواد ڏيڻو پوندو آهي. درخواستگذار فريال ٽالپر خلاف ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ارسلان تاج ۽ رابعا اظفر پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button