اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم کي مليل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه نيب ترميمن واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي قومي فيصلن تي احتساب کان ڇوٽ حاصل آهي. سوال اِهو آهي ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي مليل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي۾ ٽي رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. درخواست تي شنوائي دوران عمران خان جي وڪيل پاڪستاني فوج جي نيب جي دسترس کان ٻاهر هجڻ وارن سوالن تي دليلن ۾ چيو ته فوجي آفيسرن کي نيب ڇوٽ درست آهي، فوجي آفيسرن جو رٽائرمينٽ کانپوءِ احتساب ڪري سگهجي ٿو. ان تي جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته ڇا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ فوج کي اِها ڇوٽ حاصل آهي جيڪا پاڪستان ۾ آهي؟ سول سرونٽس به ملڪ جا خدمتگار آهن، کين نيب قانون ۾ ڇوٽ ڇو ناهي ڏني وئي؟ ڇا فوجي آفيسرن جي ڪرپشن جي احتساب لاءِ چاليهه سال رٽائرمينٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن پڇاڻو ڪيو ته فوجي آفيسر جيڪڏهن سروس دوران ڪنهن وفاقي يا صوبائي اداري ۾ مقرر ٿئي ته ڇا سندس احتساب ٿي سگهي ٿو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آرمي آفيسرن تي آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو آهي، نيب قانون نه، آرمي آفيسرن کي قومي سلامتي تحت سروس دوران نيب قانون کان تحفظ ڏنو ويو آهي. فوجي آفيسر ڪميشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ رڳو 18 سال سروس ۾ رهندا آهن، پاڪستاني فوج جو اندروني ڪنٽرول، مئنيجمنٽ ۽ احتساب جو طريقيڪار آهي ۽ انهن جو سزائون به عام سزائن کان سخت هونديون آهن. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نيب قانون ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته فوجي آفيسرن جو احتساب آرمي ايڪٽ تحت ٿيندو. آرمي ايڪٽ نيب جي دائري کي محدود نٿو ڪري سگهي. ان تي خواجا حارث چيو ته آرمي آفيسر سروس دوران جيڪو به ڪندا ان جو احتساب رٽائرمينٽ کانپوءِ ٿي سگهي ٿو. عدالت مڃي يا نه مڃي فوجي آفيسرن کي تحفظ ڏيڻ ئي پارليامينٽ جو منطق آهي.جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻي تي عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته تحريڪ انصاف جا سمورا ميمبر استعيفا ڏئي چڪا آهن پر سياسي حڪمت عملي تحت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سموريون استعيفائون منظور نه پيو ڪري. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسپيڪر سموريون استعيفائون منظور ڇو نٿو ڪري؟ جنهن ميمبر کي مسئلو هوندو اُهو فيصلي تي اعتراض ڪندو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر کي چئن ڏينهن ۾ استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو حڪم ڏيون ته ڇا پي ٽي آءِ جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف چونڊون ڪرائڻ جو ئي مطالبو ڪري رهي آهي، موجودا اسيمبلي اڻپوري آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اِهو پي ٽي آءِ جو جانبدار نڪتو آهي ته اسيمبلي اڻپوري آهي، زباني ڳالهيون نه ڪريو، اسيمبلي پسند ناهي ته سيٽون ڇڏيو. استعيفيٰ منظور نه پئي ٿئي ته پي ٽي آءِ عدالت سان رابطو ڇو نٿي ڪري؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن ۾ پي ٽي آءِ جي درخواستن بابت ڪيئي درخواستون شنوائي هيٺ آهن، سياسي معاملي تي عدالت کي تبصرو نه ڪرڻ کپي. وڏي سياسي پارٽي ٻاهر هجي ته اسيمبلي فعال ڪيئن هوندي اِهو به سوال آهي. عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل مڪمل ڪري ورتا هئا، سرڪاري وڪيل مخدوم علي خان جنوري جي ٻئي هفتي ۾ دليلن جي شروعات ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button