اسلام آبادپاڪستان

ڀارت پاڙي ۾ باهه لڳائيندو ته پاڻ به محفوظ نه رهندو:پاڪستان

اسلام آباد :مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي لاءِ ڪيئي تنظيمن جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪري. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس حنا رباني کر چيو ته اڄ دنيا ۽ خطو مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، افسوس آهي ته اڄ اهڙي معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ آئي آهيان. افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته دهشتگردي ڪرائڻ وارو پاڻ کي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار قرار ڏي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته صبح پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي سفيرن کي ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ بابت آگاهه ڪيو. ڀارت جوهر ٽائون لاهور ۾ دهشتگردي ڪئي، اسان جاچ مڪمل ٿيڻ ۽ ثبوتن جو انتظار ڪيو، واضح ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته جوهر ٽائون دهشتگردي ڀارت جو منصوبو هو ۽ اِهو ڀارت انجام ڏنو، جن کي ان دهشتگردي ۾ سزا ملي اِهي فرنٽ مين هئا، واقعي جا اصل ڪردار ڀارتي رياستي پٺڀرائي ۾ آزاد آهن، پاڪستان ان حوالي سان آواز اُٿاريندو رهندو، ڀارت لاڳيتو بلوچ عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ملڪ دهشتگردي جو فائدو ناهي کنيو ۽ پاڪستان اُهو ملڪ آهي جيڪو دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهيو آهي. جيڪڏهن اوهان پاڙيسرين جي گهرن ۾ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو ته باهه اوهان جي گهر به ايندي، ڀارت عالمي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو. حنا رباني کر چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ لاڳيتو انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، ڀارت خطي ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ لاءِ ڪيئي تنظيمين جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي. ڀارت کي ان پاليسي کان پوئتي هٽڻو پوندو، ايمانداري سان سمجهون ٿا ته عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪندي، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبرن سان ڀارت کي ڏنل ڊورزيئر شيئر ڪيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ڀارتي شهرين جا ريڊ وارنٽس جاري ٿي چڪا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت مان جيڪي ڪارروائيون ٿي رهيون آهن ان سان سڌو سنئون خطي کي نقصان پهتو آهي. جيڪڏهن رڳو ڀارت کي ذميوار به نه سمجهون ته ماضيءَ ۽ تازا واقعا اِهو ثابت ڪن ٿا ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي. ڪلڀوشن ڪيس ۾ به پاڪستان ثبوت پيش ڪيا، ڀارت پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايل کي پڻ پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ امن نٿو چاهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت خلاف لاهور دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ ناقابل ترديد ڪيس آهي، اسان چاهيون ٿا دنيا ان معاملي کي ڏسي ۽ ڀارت جو احتساب ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button