پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن جو مڪمل ازالو سرڪار جي وس ۾ ئي ناهي:چيف سيڪريٽري

حيدرآباد: سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل احمد راجپوت چيو آهي ته سنڌ ۾ تاريخي برساتن سبب هڪ ڪروڙ ماڻهو، 22 لک ڪچا گهر ۽ 37 لک ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي آهي، بحاليءَ لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر جي ضرورت آهي، جنهن مان سنڌ سرڪار کي هن وقت 500 ملين ڊالرز جو خسارو آهي، سنڌ ۾ موٽر وي زمين ڪرپشن ڪيس کي سزائن سان مثالي ڪيس بڻائينداسين، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ مشڪلاتن باوجود سنڌ سرڪار پنهنجو مڪمل آئيني ڪردار ادا ڪندي، ٻوڏ متاثرن جو مڪمل ازالو ڪرڻ سرڪار جي وس ۾ ئي ناهي، ان باوجود هر متاثر کي گهر جي تعمير لاءِ 3 لک رپيا ۽ ڪڻڪ جي پوک تي هر آبادگار کي في ايڪڙ 5 هزار رپيا امداد ڏني ويندي. حيدرآباد پريس ڪلب جي چانهه پارٽي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي 37 لک ايڪڙ زرعي زمين برساتي ٻوڏ هيٺ اچڻ سبب ڪپهه ۽ کجيءَ سميت سمورا فصل تباهه ٿي ويا، 2019ع جي سروي مطابق سنڌ ۾ 30 لک ڪچن گهرن مان 22 لک گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا آهن، سنڌ سرڪار سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي 90 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت صرف ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ هڪ لک 25 هزار ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ آهي. قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، خيرپور، نوشهرو فيروز، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ برساتي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، جنهن کي نيڪال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ متاثر ماڻهن جي مڪمل واهر نه ٿي سگهي آهي، ان باوجود سنڌ سرڪار متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ رليف جي مد ۾ 29 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي، ٻوڏ سبب سنڌ کي مجموعي طور تي ڏيڍ ارب ڊالرز جو نقصان پهتو آهي. جنهن جي بحاليءَ لاءِ ان مان 250 ملين ڊالر سنڌ سرڪار، 250 ملين ڊالر وفاقي سرڪار ڏيندي، باقي سنڌ سرڪار کي 500 ملين ڊالرز جو خسارو آهي، جنهن لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت گڏيل ڪوششون وٺي رهيون آهن، جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ به پاڪستان کي فنڊ ملڻ جي اميد آهي. هن چيو ته گذريل سال سنڌ ۾ 29 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکي ٿي، جيڪا هن سال برساتي ٻوڏ سبب 20 لک ايڪڙن تي پهتي آهي، ڪڻڪ جي امڪاني بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار هلندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار في مڻ مقرر ڪرڻ سان گڏ تباهه ٿيل فصلن جي سروي مڪمل ڪرائڻ بعد هر آبادگار کي ڪڻڪ جي پوک تي في ايڪڙ 5 هزار رپيا امداد فراهم ڪري رهي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته حيدرآباد-سکر ايم 6 موٽر وي منصوبو 2 کان اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو، موٽر وي لاءِ زمين خريد ڪرڻ جي مد ۾ نوشهروفيروز ۽ مٽياري ضلعن جي ڊي سيز جو اربين رپين جو ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد سنڌ سرڪار فوري حرڪت ۾ ايندي ڊي سي مٽياري سميت ٻين عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو، نوشهروفيروز جي پرڏيهه فرار ٿيل ڊي سي جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ٿي ويا آهن، اهو ڪيس سزائن سان مثالي بڻائينداسين. هن هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مشڪلاتن باوجود سنڌ سرڪار بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي آئيني ذميواري مڪمل طور تي ادا ڪندي ۽ سيڪيورٽي جي مسئلي کي به حل ڪري وٺنداسين. هن چيو تھ حيدرآباد تعليم، صحت، ڊرينيج، سيوريج، روڊن رستن، ٽرئفڪ، تفريح گاهه ۽ راندين سميت ٻين زندگي جي شعبن ۾ اها ترقي نه ڪري سگهيو آهي، جيڪا ٿيڻ گهرجي ها، ادارن کي بهتر بنائڻ ۽ هلائڻ سان ئي حيدرآباد جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيندا. حيدرآباد منهنجو اباڻو شهر آهي، هن شهر ۾ اڄ به 1970 جي دور جا ادارا هلي رهيا آهن، انهن ۾ ڪابه واڌ ۽ بهتري نه اچڻ مسئلن جو سبب آهي. ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب طرفان چيف سيڪريٽري سنڌ کي پريس ڪلب جي لائف ٽائيم ميمبر شپ ۽ سندس خدمتن تي شيلڊ سان نوازيو ويو. ان کان اڳ چيف سيڪريٽري سنڌ ايوان صنعت ۽ تجارت جي آفيس جو دورو ڪري واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. چيف سيڪريٽري لطيف آباد ۾ شاھھ عبداللطيف ڀٽائي پبلڪ لائبريري جو افتتاح پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button