پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ 4 هرڻن جو شڪار، وائلڊ لائيف عملدار ڪارروائي کان لاچار

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار رڪجي نه سگهيو. گذريل رات دير سان ڳوٺ ساڪر ويرو ۾ 4 ناياب نسل جا هرڻ اڻڄاتل شڪارين جي گولين جو کاڄ بڻجي ويا، اڻڄاتل شڪاري ٽي ناياب نسل جا هرڻ شڪار ڪرڻ بعد ذبح ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا. شڪارين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هڪ هرڻ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو، جيڪو واقعي واري هنڌ پيل آهي، اطلاع باوجود 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي واري هنڌ وائلڊ لائيف عملدار نه پهتا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سروپ سنگهه ٺڪر، سردار سنگهه ۽ اندر سنگهه ٺڪر ٻڌايو ته گذريل رات ڳوٺ ڀرسان جھنگ ۾ نامعلوم شڪارين طرفان 4 ناياب نسل جي ھرڻن جو شڪار ڪيو ويو آھي، شڪارين جي گولي سبب زخمي ٿيل ھرڻ جھنگ ۾ مري ويو، شڪار ڪيل 3 ھرڻن جو رت ۽ بندوق جي گولين جا خول اسان ھٿ ڪري ورتا آهن. شڪارين ويگو گاڏي ۾ چڙهي ھرڻن جو شڪار ڪيو آهي، گاڏي جي ٽائرن جا نشان واقعي واري جا تي زمين تي پيل آهن، اڳ به ڳوٺ ۾ موجود ھرڻن جو شڪار ٿيندو رھندو آھي، پر وائلڊ لائيف کاتو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تي به ڪيس داخل ناهي ڪيو، جنهن ڪري شڪاري ان جو فائدو وٺندي سرعام ھرڻن جو شڪار ڪري رھيا آھن. واقعي جو اطلاع بروقت وائلڊ لائيف عملدارن کي ڏنو، پر ان باوجود عملدار 20 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ناهن آيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف مير اعجاز ٽالپر ٻڌايو ته شڪار واري هنڌ وڃي رهيو آهيان، في الحال واقعي بابت ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهان، شڪارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button