پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ريلوي ملڪيت تان قبضا هٽائڻ لا آپريشن، گهر ڊاٿا ويا

سرهاڙي: سرهاڙي شهر ۾ پاڪستان ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لا ريلوي نوابشاهه ۽ سکر جي انتظاميا آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ريلوي عملي ڪجهه ماڻهن جا گهر ڪرين ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، پر بااثر ماڻهن پاران قبضا ڪري ٺاهيل گهرن کي هٿ به نه لاٿو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ريلوي نوابشاهھ جي آئي او ڊبليو امتياز رسول، پي ڊبليو آئي محمد عارف ۽ ريلوي پوليس ٻڌايو ته ريلوي جي حدن جي ماپ ڪرائي پئي وڃي، ماپ اندر جيڪي ريلوي جي حد ۾ قبضا اچن پيا، اسان اهي خالي ڪرايون پيا. ريلوي جي حد اندر ايندڙ غير قانوني اڏاوتون سڀ ڊاٿيون پيون وڃن. ٻئي پاسي متاثر ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته اسان جون جهوپڙيون ڊاهي وڏن ماڻھن جا گهر ۽ بنگلا بيٺل آهن، انهن کي آپريشن ۾ ريلوي عملدارن ڇوٽ ڏني آهي، ريلوي انتظاميا ڊرامو رچائي وڏن ۽ بااثر ماڻهن جي گهرن کي بچائي ورتو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ريلوي انتظاميا اسان کان رشوت جي گهر ڪئي، اسان انڪار ڪيو ته عملدارن اجها ظاهي ظلم ڪيو. هنن گهر ڪئي ته اسان کي متبادل جا ڏني وڃي، نه ته سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button