اسلام آبادپاڪستان

عمران خان فوجداري ڪارروائي لا 9 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ طلب

اسلام آباد : اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ريفرنس واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانا ريفرنس واري معاملي تي فيصلو جاري ڪيو جنهن موجب عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان پاران اثاثن ۾ توشا خانا مان ورتل تحفا لڪايا ويا، سراسري طور عمران خان طرفان جمع ڪرايل ڊڪليئريشن غلط آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان گوشوارن ۾ تحفن ۽ انهن جي وڪري مان حاصل ڪيل رقم جا تفصيل به ظاهر ناهن ڪيا. عدالتي فيصلي موجب عمران خان اليڪشن ڪميشن جي قلم 174 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،اڳوڻي وزيراعظم خلاف شڪايت کي باضابطا شنوائي لاءِ منظور ڪيو وڃي ٿو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان نوَ جنوري تي ٽرائل لاءِ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button