اسلام آبادپاڪستان

حڪومت طرفان عوام کي خاص رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مهانگائي کي ڏسندي وزيراعظم شهباز شريف عوام لاءِ خاص پيڪيج جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عوام کي اڳوڻي حڪومت مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو، اسان کين رليف ڏينداسين. وزيراعظم نوجوانن لاءِ به خاص پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم نوجوانن لاءِ روزگار فراهمي جو پيڪيج تيار ڪرڻ لاءِ وزارتن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.تفصيل مطابق جمعي ڏينهن وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) جو صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت حڪومت پاران رليف تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. عوام کي گئس ۽ بجلي جي بلن جي حوالي سان به رليف قدم تجويز ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اجلاس دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ سياسي ميڙاڪن ۾ حڪومتي معاشي قدمن ۽ رليف کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعطم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اتحادي حڪومت تباهه حال معيشت کي اچي سنڀاليو. عمران خان جون پاليسيون ملڪ کي سريلنڪا واري صورتحال ڏانهن وٺي وڃي رهيون هيون. اتحادي حڪومت عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ جا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت ۽ موجوده حڪومت وچ ۾ معاشي قدمن جي فرق کي اجاگر ڪيو وڃي. ورڪرز ڪنوينشن ۾ حڪومتي پاليسين کي مثبت انداز ۾ اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم پارٽي قيادت کي هدايت ڪئي ته حڪومتي معاشي قدمن ۽ رليف کي اجاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم پي ٽي آئي خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ خاص مددگارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button