پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا خلاف تنقيد ڪرڻ تان عمران خان تي چڙي پيو، هن چيو آهي ته باجوا توهان جو ۽ اسان جو به محسن آهي، مون ملاقات کان پهرين چئي ڇڏيو هو ته قمر باجوا خلاف نه ڳالهائجو، عمران خان مون کي گڏ ويهاري باجوا تي تنقيد ڪئي، اها زيادتي آهي، هن جا عمران خان تي به وڏا احسان آهن، تنهن ڪري احسان فراموشي نه ڪئي وڃي، هاڻي ڪنهن به باجوا خلاف ڳالهايو ته سڀ کان پهرين آئون جواب ڏيندس ۽ پو منهنجي سڄي پارٽي ڳالهائيندي. وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنرل (ر) باجوا اسان جو ۽ تحريڪ انصاف جو به محسن آهي، پي ٽي آ گهٽ وڌ ڳالهائي احسان فراموش نه ٿئي، عمران خان کي مون 3 مهينا اڳ ئي چيو هو ته باجوا اسان جو گڏيل محسن آهي ۽ گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ به چيم ته اڳوڻي آرمي چيف خلاف نه ڳالهائجو پر عمران خان مون کي گڏ ويهاري جنرل (ر) خلاف ڳالهيون ڪري زيادتي ڪئي آهي. هن چيو ته هي پاڻ کي ڪو اوتار ٿا سمجهن يا اهي ماڻهو آسمان تان لهي آيا آهن، هنن ته مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا ڪو انسان ايترو احسان فراموش ٿي سگهي ٿو، ڀلائي ان ۾ آهي ته پنهنجي اوقات ۾ رهو، هاڻي ڪو به ماڻهو جنرل (ر) باجوا خلاف نه ڳالهائيندو، جيڪڏهن ڪنهن به ڳالهايو ته سڀ کان پهرين آئون ورندي ڏيندس ۽ پو منهنجي سڄي پارٽي جواب ڏيندي. پرويز الاهي چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جا وڏا احسان آهن، باجوا هنن کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، پرڏيهه مان فنڊ آڻڻ لا پاڻ هلي ويو، آ ايم ايف سان بيلجيئم ۾ ويهي ڳالهيون ڪيون، سعودي عرب جي بادشاهه سلمان سان مليو ۽ قطر مان به جنرل (ر) باجوا ئي پئسا وٺي آيو، تنهن ڪري هاڻي احسان فراموشي ۽ محسنن خلاف ڳالهه نه ڪئي وڃي. هن چيو ته جنرل (ر) فيض حميد اسان سان وڏيون زيادتيون ڪيون، اسان کي جيل ڀيڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان جو مخالف هو، مون قمر جاويد باجوا کي فيض حميد بابت ٻڌايو ته فيض حميد اها ورندي ته عمران خان جو حڪم آهي، عمران خان ته مونس الاهي کي پاسي ۾ به نه ويهاريندو هو، ان جي باوجود اسان عمران خان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، هن اسيمبلي ٽوڙڻ لا چيو ته اسان ان ڳالهه تي به حامي ڀري ورتي، هاڻي وري چيما ۽ سندس گهرواري روز روز منهن کڻي جيڪو وات ۾ اچي شروع ٿي وڃن ٿا، هي پنهنجي اوقات ۾ رهن، هاڻي ڪير به نه ڳالهائيندو، اسان تحريڪ انصاف جا مخالف نه پر ساٿي آهيون پر پنهنجي محسنن سان وساري نٿا سگهون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close