پاڪستان

آصف زرداري ۽ وزيراعظم متحرڪ،اهم ملاقاتون، پنجاب اسيمبلي بچائڻ جو ٽاسڪ چوڌري شجاعت حوالي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ وارو عمل روڪڻ لا اهم ملاقاتون ڪري اهو ٽاسڪ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان طرفان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ پختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻ بعد اڳوڻو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لا متحرڪ ٿي ويو، جنهن لا هن لاهور ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر وزيراعظم شهباز شريف ۽ ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان اهم ملاقاتون ڪيون آهن. ايڪسپريس نيوز مطابق آصف علي زرداري ماڊل ٽائون پهتو، جتي وزيراعظم شهباز شريف سندس استقبال ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب اسيمبلي جي معاملي تي مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان رابطا وڌائڻ ۽ اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ جو ٽاسڪ چوڌري شجاعت کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، آصف زرداري ۽ شهباز شريف ان ڳالهه تي سهمت آهن ته جيستائين چوڌري شجاعت طرفان ڪو گرين سگنل نٿو ڏنو وڃي تيستائين پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان سڌي ريت ڪو به رابطو نه ڪيو ويندو. آصف زرداري ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو آهي ته هن پنجاب ۾ ڪجهه عرصي تائين ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هوڏانهن بعد ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس پنجاب جي سياسي صورتحال تي اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيما ۽ چوڌري سالڪ حسين به موجود هئا. اڳوڻي صدر پنجاب جي صورتحال بابت حتمي فيصلو چوڌري شجاعت حسين جي رضامندي سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عمران خان جي چوڻ تي نه اسيمبلي ٽٽڻ ڏينداسين ۽ نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وينديون. ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان وزيراعظم شهباز شريف به ملاقات ڪئي ۽ پنجاب اسيمبلي بابت وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهائڻ جي درخواست ڪندي مسلم ليگ (ق) جي ميمبرن جي حمايت پڻ گهري ورتي. شهباز شريف چوڌري شجاعت کي درخواست ڪئي ته پنجاب اسيمبلي کي ٽٽڻ کان بچائڻ لا توهان اسان جو ساٿ ڏيو ۽ پرويز الاهي سان پڻ ڳالهايو، اسان لا توهان جي پارٽي ميمبرن جي حمايت تمام ضروري آهي، پنجاب اسيمبلي کي صرف بي اعتمادي رٿ ذريعي ئي بچائي سگهجي ٿو. ذريعن موجب چوڌري شجاعت وزيراعظم شهباز شريف کي ملاقات ۾ خاطري ڪرائي آهي ته مسلم ليگ (ق) پنجاب اسيمبلي ۾ توهان جو ساٿ ڏيندي، پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين، چوڌري شجاعت اهو پڻ چيو ته هو پنجاب اسيمبلي جي معاملي تي پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button