پاڪستان

قمر جاويد باجوا سان ذاتي جهيڙو آهي، اسيمبليون هر صورت ۾ ٽوڙيندس:عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته صوبائي اسيمبليون هر صورت ۾ ٽوڙيون وينديون، ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته انهن سڀني جو احتساب ٿيندو جيڪي پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجهن ٿا، جيڪڏهن نيون چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ سڌو سنئون ڊيفالٽ ڪري ويندو، اسيمبليون ٽٽڻ جي صورت ۾ 3 مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻ نيوٽرلز جو اصل امتحان هوندو، جنرل (ر) باجوا سان منهنجو ذاتي جهيڙو آهي، اِهو چوڻ غلط آهي ته اقتدار ۾ اچي باجوا خلاف ڪارروائي ڪنداسين، آرمي چيف جنرل عاصم منير چئي چڪو آهي ته هو نيوٽرل رهندا. لاهور ۾ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون اسيمبليون ختم ٿيڻ بعد 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ نيوٽرلز جو سڀ کان وڏو امتحان آهي، جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ تمام گهڻو پوئتي هليو ويندو، 60 سيڪڙو ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ سان هنن کي عقل اچي ويندو ۽ پٺيان بيٺل نيوٽرلز کي به خبر پئجي ويندي. هن چيو ته جڏهن جنرل (ر) فيض حميد کي عهدي تان هٽايو ويو ته خبر پئجي وئي هئي ته اسان جي حڪومت ڪيرائڻ جو پلان ٺهي چڪو آهي، مون باجوا کي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪيرائي وئي ته معيشت کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو، باجوا سان اسان جو سٺا لاڳاپا هئا پر پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو، آئون باجوا کي چوندو رهيس ته جيڪڏهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو مسئلو آهي ته اسان ايڪسٽينشن ڏئي ڇڏينداسين پر هو چوندو رهيو ته اهڙو ڪو مسئلو ناهي، توهان بي فڪر رهو، ڪجهه نه ٿيندو، مون جنرل باجوا کي چيو هو ته جيڪڏهن هن وقت حڪومت کي ڪيرايو ويو ته ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ٿيندو ۽ حالتن کي ڪير به سنڀالي نه سگهندو. عمران خان چيو ته جڏهن چڱائي ۽ برائي ۾ فرق نه هجي ته احتساب ڪيئن ٿيندو، فوج واحد ادارو آهي جيڪو بچيل آهي جيڪڏهن ان جو درست استعمال ڪيو وڃي ته ملڪ کي بحران کان بچائي سگهجي ٿو. توشا خانا بابت هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي دور ۾ ڪرپشن ٿئي ها ته ڇا رڳو گهڙي واري معاملي تي واويلا ڪئي وڃي ها؟ توشا خانو ڪو عجائب گهر ناهي، جيڪڏهن مان گهڙي نه وٺان ها ته نيلامي ۾ ڪو ٻيو خريد ڪري وٺي ها. هن چيو ته اسان وٽ صوبن ۾ فنڊ موجود هئا ۽ اسان پروٽوڪول مان مزو وٺي پئي سگهياسين پر تمام گهڻي غور ويچار ۽ ڪيترن ئي ڏينهن جي صلاح مشوري بعد پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان اليڪشن ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، موجوده اليڪشن ڪمشنر بدديانت شخص آهي، جنهن ضمني چونڊن ۾ به پوري ڪوشش ڪئي ته اسان کي شڪست اچي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، قومي اسيمبلي ۾ اسان جا ميمبر گڏجي اسپيڪر کان استعيفائون منظور ڪرڻ جو چوندا پو ڏسون ته چونڊون ڪهڙي نموني ٿينديون، جيڪي سمجهندا هئا ته شهباز شريف وڏو سياڻو ۽ ڏاهو آهي، انهن کي به هاڻي سندس ڪارڪردگي خبر پئجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو به سڀني کان پهرين مون کنيو هو، جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ڪيترن ئي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايوسين، اسان ان مسئلي تي قانونسازي جي به ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ملي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button