سنڌ

عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خواري کي منهن ڏيڻو پوندو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خواري کي منهن ڏيڻو پوندو، عمران خان جون سموريون بليڪ ميلنگ واريون حڪمت عمليون ناڪام ٿي چڪيون آهن، سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جو عوام وقت تي چونڊون چاهي ٿو. پنھنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ سياست جي نالي تي ڏڦيڙ پکيڙڻ نه پر وسيع اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، عمران خان جون روزاني “وڊيو پريس ڪانفرنسون” معاشي ۽ سياسي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو 5 سالن وارو مدو پورو ڪندي، جيڪڏهن عمران خان کي شوق آهي ته اڄ ئي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي، ھي ڪهڙي ڳالهھ جو انتظار ڪري رهيا آهن، صوبائي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون ۾ ئي پي ٽي آءِ جي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي استعيفيٰ جي تصديق لاءِ نوٽيسز جاري ڪيا هئا پر ڪو به ايم اين اي تصديق جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اطلاع موجب ڪيترن ئي ايم اين ايز جو صحيحون مسٽر رول سان مطابقت نه پيون رکن. ھن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پوليس اسٽيشنن تي حملا ٿي رهيا آهن، صوبي جو وڏو وزير عمران خان جي غير سياسي ايڊوينچرن کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ويو ، هاڻي جيڪي ڪجهه بچيو آهي ان کي به تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو ملڪ ۽ قوم سان ڪوبه سروڪار ناهي. هي شخص ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ايجنڊا تي مامور ٿيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button