پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ فين جي واڌ خلاف شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

ميھڙ: ميھڙ ۾ ھا اسڪول ون، ھا اسڪول قاضي عارف جي شاگردن ۽ ايس يو پي پاران پنجين ڏينھن به فين جي واڌ خلاف شاگردن نادر مھيسر، ساگر چانڊيو، واجد سوڍر، سراج کوسو، ايس پو ضلعي دادو جي صدر سڪندر سوڍر، عرس سوڍر، حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي گھنٽاگھر چوڪ کان احتجاجي مظاھرو ڪڍيو ويو. جيڪو شھر جو گشت ڪندو آزاد پريس ڪلب پهتو، جتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ھنن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ظلم جي انتھا ٿي وئي آھي، ھڪ ته ٻوڏ سبب اسان جا گھر تباھه ٿي ويا آھن، مٿان وري لاڙڪاڻو بورڊ زبردستي پيپرن جي في 26 سئو روپيه مقرر ڪئي آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته زبردستي مڙھيل پيپر في ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button