جھول: جهول ۾ سب انسپيڪٽر پنهنجي استاد کي ڏسي احترام ۾ پيرن تي ويهي رهيو. استاد کي دعا ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ مقرر شاعر، اديب ۽ سب انسپيڪٽر رسول بخش راھي ملاح سانگهڙ ۾ هڪ شادي تقريب دوران پهتو ته هال جي گيٽ وٽ مهمانن جي آجيان لا پنهنجي استاد محمد حسن بچاڻي کي ڪرسي تي ويٺل ڏسي سندس احترام طور سندس پيرن وٽ ويهي رهيو ۽ استاد کان دعائون ڪرڻ جي التجا ڪئي. استاد پاران کيس اٿاري ڪرسي تي ويهڻ جو چوڻ باوجود رسول بخش راهي انڪار ڪيو ۽ استاد کي چيو ته اوهان منهنجي لا دعا ڪندا ڪريو، آئون اڄ اوهان جي محنت اسان پڙهائڻ ۽ اسان کي علم جي زيور سان نوازڻ جي ڪري پوليس ۾ آفيسر آهيان. ڪاڄ ۾ شريڪ ڪاڄين شاگرد جي استاد سان محبت ۽ احترام جو رشتو ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close