پاڪستانسنڌ

استاد جو ادب،سب انسپيڪٽر پيرن ۾ ويهي رهيو

جھول: جهول ۾ سب انسپيڪٽر پنهنجي استاد کي ڏسي احترام ۾ پيرن تي ويهي رهيو. استاد کي دعا ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ مقرر شاعر، اديب ۽ سب انسپيڪٽر رسول بخش راھي ملاح سانگهڙ ۾ هڪ شادي تقريب دوران پهتو ته هال جي گيٽ وٽ مهمانن جي آجيان لا پنهنجي استاد محمد حسن بچاڻي کي ڪرسي تي ويٺل ڏسي سندس احترام طور سندس پيرن وٽ ويهي رهيو ۽ استاد کان دعائون ڪرڻ جي التجا ڪئي. استاد پاران کيس اٿاري ڪرسي تي ويهڻ جو چوڻ باوجود رسول بخش راهي انڪار ڪيو ۽ استاد کي چيو ته اوهان منهنجي لا دعا ڪندا ڪريو، آئون اڄ اوهان جي محنت اسان پڙهائڻ ۽ اسان کي علم جي زيور سان نوازڻ جي ڪري پوليس ۾ آفيسر آهيان. ڪاڄ ۾ شريڪ ڪاڄين شاگرد جي استاد سان محبت ۽ احترام جو رشتو ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button