سنجهورو: سنجهورو ۾ يوسي جعفر خان لغاري سان تعلق رکندڙ پرڻو ڪندڙ سمرين عرف سمري خاصخيلي ۽ وحيد لغاري صحافين اڳيان تحفظ لا احتجاج ڪيو. هنن چيو ته عدالتي حڪم باوجود پوليس تحفظ فراهم نٿي ڪري، اسان 8 ڊسمبر تي حيدرآباد ڪورٽ ۾ پرڻو ڪيو ۽ پرڻي بعد هائيڪورٽ حيدرآباد ۾ پروٽيڪشن جي پٽيشن داخل ڪئي، جنهن تي عدالت تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي سنجهورو ٿاڻي تي ليٽر موڪليو، پر سمرين خاصخيلي جا گهرڀاتي، چاچا، سئوٽ ۽ ٻيا مائٽ اسان کي ۽ وحيد لغاري جي والد خدابخش لغاري، ڀائرن نويد لغاري، نعيم لغاري ۽ وسيم لغاري سميت خاندان جي ٻين ڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. سمرين خاصخيلي چيو ته منهنجا مائٽ ماڪوڙو پٽ باگو خاصخيلي، امام بخش ولد ماڪوڙو خاصخيلي، غلام قادر ولد سمو خاصخيلي، رفيق ولد محمد خاصخيلي، نياز محمد ولد ميرل خاصخيلي، منظور ولد اصغر خاصخيلي، دلشاد ولد غلام نبي خاصخيلي، سچل ولد باگو خاصخيلي، گل بهار ولد سچل خاصخيلي، اصغر ولد سمو خاصخيلي ۽ ميرل ولد غلام رسول موتمار ڌمڪين سان گڏ راڄوڻي طور نڪاح ٽوڙائڻ لا حراسان ڪن پيا. ان ڪري اسان ڊي آئي جي بينظيرآباد، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايڇ او سنجهورو کي تحفظ لا ٻيهر درخواست ڏني آھي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close