پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ضلعي ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب 73 ماڻهن انت آندو

سانگھڙ: ضلعي سانگھڙ ۾ ھلندڙ سال ۾ بيروزگاري، بدحالي، مھانگائي ۽ گھريلو پريشانين سبب 73 ماڻھن خودڪشي ڪئي. ضلعي پوليس پاران ضلعي جي 20 ٿاڻن جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق 73 واقعن ۾ 53 واقعا رپورٽ ٿيا، 20 واقعن جي وارثن رپورٽ داخل نه ڪرائي. ضلعي ۾ خودڪشين جو ڪارڻ بيروزگاري، بدحالي، مھانگائي ۽ گھريلو پريشانيون آهن. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سنيل ڪمار ٻڌايو ته ھن سال خودڪشين جا انگ وديا آهن، ان جو سبب حڪومت جي نااھلي، خراب گورننس سان گڏ غربت ۽ مھانگائي آھي. اقليتي برادري جي تعداد خودڪشين ۾ وڌيڪ آهن، ٻوڏ سبب ھاري طبقو گهڻو پريشان رھيو، امداد به حقيقي متاثرن تائين نه پهتي. ٻئي پاسي پ پ مينارٽي جي ضلعي صدر من موھن داس چيو ته اقليتي برادري ۾ خودڪشين جو ڪارڻ غربت ۽ انهن جو رھڻ ڪھڻ آهي. ٻوڏ جي ڪري فصل تباهه ٿي ويا، ماڻهن لا کائڻ لا ڪجهه نه بچيو، هاري طبقو گهڻو متاثر ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button