پاڪستانسنڌ

سنڌ جي تعليم کاتي جي آفيسرن کي روزانو تصويرون واٽس ايپ ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سرڪاري اسڪولن جي حالت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ کاتي جي آفيسرن کي روزانو صبح جو آفيس مان تصويرون واٽس ايپ ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. تفصيل مطابق سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه اعليٰ آفيسرن کي ٽن مهينن ۾ سمورن بند اسڪولن جي حالت ٺيڪ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي.

تعليم واري صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ٽن مهينن ۾ سمورا بند اسڪول کولي مرمتي ڪم مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن اسڪول ۾ استادن جي کوٽ جي شڪايت نه ملڻ گهرجي هر 30 ٻارن تي هڪ استاد هجڻ لازمي آهي، 53 هزار نون ڀرتي استادن کي اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو. تعليم واري وزير هدايت ڪئي ته ڊي اي اوز ۽ ڊائريڪٽرز آفيس ۾ ويهندا ۽ اعليٰ آفيسر روزانو صبح جو آفيس مان تصويرون واٽس ايپ ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button