مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۽ مسڻ ننڍي ۾ سئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ پريشر گهٽ جو آزار وڌي ويو. آگسٽ جي مهيني کان گئس جو پريشر گهٽ ٿيڻ سبب گئس صارفين اڳ ئي پريشان هئا، مٿان وري آڪٽوبر مهيني کان 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي. گئس جي سپلائي ان وقتن تي ڏني ويندي جن وقتن گئس جي ضرورت نه ھوندي آھي. جڏھن ته گذريل پنج ڏينهن دوران مسڻ وڏي ۽ مسڻ ننڍي ۾ سئي گئس جي سپلائي هڪ نه ٻي ڏينھن سڄو سڄو ڏينهن بند ڪئي پئي وڃي، جڏهن گئس فراهم ٿئي ٿي ته پريشر گهٽ هوندو آهي، جنهن سبب گهرن ۾ رڌپچا جو مسئلو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان سئي گئس صارفين علي محمد ملڪ، محمد قاسم، چيتن مهراج، حاجي محمد اشرف، عبدالغفار ملڪ، عابد لغاري ۽ ٻين زونل آفيس ميرپورخاص جي انتظاميا ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته مسڻ وڏي ۽ مسڻ ننڍي ۾ سئي گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري پريشر وڌايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close