پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۽ ڀرپاسي اٽي سميت عام واهپي جون شيون مهانگيون

نفيس نگر: جهڏي تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون. چڪي مالڪن اٽي جو في مڻ اگهه 52 سئو رپيا ڪري ڇڏيو. نفيس نگر شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به واپارين ۽ دڪاندارن وڌائي ڇڏيا. شهري اٽو 130 رپيا، کنڊ 100 رپيا، گيهه 650 رپيا ۽ ٻيون واهپي جو شيون مهانگي اگهه تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پر اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو. انتظاميا جي نااهلي سبب پورهيت ۽ مزدور طبقو سخت پريشان آهي. ان سلسلي ۾ شهرين غريب نواز ٽنگڙي، محب ڀيل، دوست علي چانڊيو، ڪارو چانڊيو، وسند ڀيل، ڪانجي ڀيل ۽ ٻين ٻڌايو ته واپاري ۽ دڪاندار عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن، پر انتظاميا نوٽيس نٿي وٺي، دڪانن تان سرڪاري ريٽ لسٽ غائب آهي. هنن ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته تعلقي جهڏي ۾ هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس وٺي اضافي اگهن تي سامان وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button