پاڪستانسنڌ

بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت لا جان جو نذرانو ڏنو:علي حسن هڱورجو

کپرو: شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لا ضلعي سانگهڙ مان هزارين ڪارڪن ڳڙهي خدابخش پهچندا ۽ پنهنجي شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪندا. کپرو جي هنڱورجا هائوس تي پ پ سانگهڙ ضلعي جي صدر علي حسن هڱورجو صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته شهيد راڻي عظيم سياسي ليڊر هئي، جنهن پنهنجي والد ۽ ڀائرن سان گڏ پاڻ به هن ملڪ ۾ جمهوريت لا جان جو نذرانو پيش ڪيو، سندس ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ پ پ چيئرمين جي اڳواڻي ۾ ڪروڙين جيالا پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ان موقعي تي پ پ انفارميشن سيڪريٽري وارث درس ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button