پاڪستانسنڌ

شهيد بينظير جمهوريت جي بقا لا جان جو نذرانو ڏنو:عاجز ڌامراهه

حيدرآباد: پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ پي ايس 66 حيدرآباد جي ڪارڪنن پاران پنهنجي غم کي پنهنجي عزم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ شهيد راڻي جي تصوير سامهون شمع روشن ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته بينظير ڀٽو هڪ فرد نه پر غير جمهوري قوتن خلاف هڪ نظام جو نالو آهي. هن جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. اڄ به بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي غير جمهوري قوتن جا چيلنجز درپيش آهن. اڄ اسان وري ان عزم جو اظهار ڪيون ٿا ته جيستائين هن ملڪ ۾ عوامي راڄ نٿو اچي يا جمهوريت خلاف سازشون ختم نٿيون ٿين، تيستائين هر گهر مان ڀٽو نڪرندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو سياست ۾ ڪو به ڪردار نه آهي، هو پنهنجي پاڻ کي سياست ۾ زنده رکڻ لاءِ ڪوڙ ۽ الزام هڻي رهيو آهي، جنهن تبديلي جي ڳالهه هو مارچ ۾ ڪري رهيو آهي، ان تبديلي جو ڍونگ هو عوام کي گذريل 26 سالن کان ڏئي رهيو آهي. عمران خان جو سياست ۾ ڪوبه مستقبل ناهي. ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ڪجهه ڏهاڙا اڳ اهو چيو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي غلط ڪم ڪيو، هاڻ چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل ٿي سٺو ڪم ڪيو، هن جو اشارو آرمي چيف طرف هو. ان موقعي تي خاص معاون ويرجي ڪولهي، ضلعي زڪوات ڪميٽي حيدرآباد جو چيئرمين عمير چانڊيو، پ پ جو سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي، دانيال ابڙو، مصطفيٰ شاهه، انجنيئر سڪندر حيات، امتياز چانڊيو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button