پاڪستانسنڌ

ادارن طرفان سياست کان لاتعلقي شهيد بينظير جي خواب جي تعبير آهي: آصف زرداري

ڪراچي: پ پ جي ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان شهيد محترمه جي مشن جي حوالي سان ننڊ ۾ به غفلت نٿا ڪري سگهون، سياست ۾ شهيد محترمه منهنجي رهنمائي ڪئي هئي ۽ هاڻ شهيد محترمه جو فلسفو رهنمائي ڪري رهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ آصف زرداري چيو ته آئين ۽ جمهوريت خاطر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جن ڏکيائين کي منهن ڏنو، اهو اڄ تائين ٻئي ڪنهن نه ڏنو، هوءَ صبر ۽ سهپ جي علامت هئي، هن انتهائي بهادري، برداشت سان آمرن جي خوف جي بت کي ڊاهي ڇڏيو، هن وحشي آمرن جي بهادري سان مزاحمت ڪئي. هن چيو ته اسان ۾ اهو رت ناهي، جيڪو ڏکيائين جي باهه جي تيک سان ميڻ جيان ڳري وڃي پر اهڙي جبر جي حالتن مان گذري اسان مضبوط بڻجي ويندا آهيون، محترمه بينظير ڀٽو اسان کي اهو ئي سيکاريو آهي.

هن جو چوڻ هو ته جمهوريت جو تسلسل محترمه بينظير ڀٽو جو خوبصورت خواب هو ۽ سندس خواب پورو ڪري ڇڏيو آهي، موجوده اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون ۽ ملڪ مضبوط ۽ پائيدار جمهوريت تي رستي تي هوندو. آصف زرداري چيو ته ادارن طرفان سياست کان لاتعلقي ۽ رڳو آئين تي عمل ڪرڻ جو اعلان به محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي خواب جي تعبير آهي، ان سان جمهوريت کي استحڪام ملندو ۽ ملڪ جي شاندار ساک قائم ٿيندي. هن چيو ته اسان پنهنجو ملڪ جنت بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هر قسم جي شدت پسندي کان پاڪ معاشرو چاهيون ٿا، جتي علم جي روشني هجي، عوام کي روزگار ملي، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن، عورتون خوف کان آزاد هجن، اسان شهيد محترمه جو اهو خواب ضرور پورو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button