پاڪستانسنڌ

منظورآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ايس يو پي جو احتجاج

سن: سن ويجهو منظورآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي قائم 3 ڏينهن جي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي 2 ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي مدد علي سولنگي، محمد ملوڪ ٿيٻو، عبدالرزاق کوسو، جيوڻ خان ٿيٻو، ڪريم رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر ماضي جي اليڪشن ۾ پولنگ ھارائڻ تي منظورآباد جي رھواسين جو پاڻي روڪي ڳوٺاڻن کان انتقام وٺي رھيا آھن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب منظورآباد جو عوام بنيادي سهولت پاڻي لا سخت پريشان آھي، منظورآباد کي پاڻي جون ٻه اسڪيمون به مليل آهن جيڪي کاتي جي نااهلي سبب سياسي بااثرن حوالي ڪيون ويون آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منظورآباد کي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button