پاڪستانسنڌ

ٿاڻو بولا خان ۾ هڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪئمپ، هزار کان مٿي مريضن کي تپاسيو ويو

ٿاڻو بولا خان: ٿاڻو بولا خان ۾ گروٻالپري ميلا ڪاميٽي، سماجي تنظيم ڪوھسار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ وائيس آف ڪوهستان پاران گرو ٻالپري آشرم (گرن) تي هڪ ڏينھن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويئي. جنھن ۾ آغا خان اسپتال ۽ لياقت يونيورسٽي جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر ڀوڄو مل کيئلاڻي، ڊاڪٽر ليلارام گھنواڻي، ڊاڪٽر تارا چند ديوراجاڻي، ڊاڪٽر عابده عالماڻي، ڊاڪٽر ھيراماڻي، ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، ڊاڪٽر پورن ڪمار، ڊاڪٽر مھيش ڪمار، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر رميش ڪمار، ڊاڪٽر ساجده ميمڻ، ڊاڪٽر ڀرت ڪمار، ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ڊاڪٽر ميران ڪماري، ڊاڪٽر چندران، ڊاڪٽر جئي ڪمار چوڌري ڪوھستان جي مختلف علائقن کان آيل 1000 جي لڳ ڀڳ مريضن کي چيڪ اپ ڪري کين مفت دوائون ڏنيون. جڏھن ته 72 مريضن جي مليريا ٽيسٽ ڪئي ويئي، جن مان 22 مريضن جي مليريا پازيٽو آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button