پاڪستانسنڌ

ميرپوربٺوري ۾ قومي راڳي سرمد سنڌي جي 26 ھين ورسي ملهائي وئي

ميرپوربٺورو: جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي 26 ھين ورسي جي موقعي تي ميرپوربٺوري ۾ کورواھه اسٽاپ تي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، قادر بخش زئور، انور خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سرمد سنڌي جا ڳايل انقلابي گيت اڄ به اتساھه پيدا ڪن ٿا. ھن سنڌ کي محڪومي جي ڪاري رات مان ڪڍي اجري صبح جھڙي نئين سنڌ اڏڻ ٿي چاھي. سندس گيت سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ محبت جي ساڀيان لا ھئا. اڄ به سرمد سنڌي جو آواز دنيا ۾ گونجي ٿو ۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سرمد سنڌي اڄ به اسان وٽ موجود آھي. سنڌ صدين تائين سرمد سنڌي کي ياد ڪندي رھندي. ڪي ماڻھو تاريخ جو حصو ٿي وڃن ٿا. سرمد سنڌي تاريخ جو ھڪ سچ آھي، جنھن انقلاب، پيار، محبت ۽ وڇوڙن جا گيت ڳايا. سندس ڳلي ۾ مٺاس ھئي ۽ ھو ماڻھن جي دلين کي ڇھي ويو. ان موقعي تي سرتاج زئور، دائود زئور، اياز ميراڻي، اسرار زئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button