پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ پينو فقير جي زال ۽ 3 ٻارڙا مبينا اغوا، بازيابي لا احتجاج

کورواهه: کورواهه ۾ سجاول جي رهواسي پينو فقير يوسف ملاح جي نوجوان زال ڌڃاڻي ۽ 3 معصوم ٻارڙا زيبو، ياسمين ۽ موسى کي نامعلوم ماڻھو مبينا طور اغوا ڪري ويا آهن. ان سلسلي ۾ پينو فقير يوسف ملاح ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مان پني پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آھيان، آئون سجاول جو رهواسي آھيان، هتي پنڻ سانگي کورواهه ۾ جهڳي اڏي ويٺل آھيان، هن چيو ته شھر ۾ گداگري ڪري پيٽ گذر ڪندو آھيان. هن چيو ته گذريل ڏينهن نامعلوم ماڻهو منهنجي زال ڌڃاڻي ۽ 3 معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. مان بي يارو مددگار ويٺل آھيان. هن روئيندي مطالبو ڪيو ته مون کي منهنجي زال ۽ ٻار موٽرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button