پاڪستانسنڌ

سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي 25 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

ڀٽ شاھه: سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي 25 هين ورسي اڄ 28 ڊسمبر تي ڀٽ شاھه جي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي شيخ اياز يادگار ڪميٽي طرفان مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي مک تقريب منعقد ڪئي ويندي. ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھه ۽ سول سوسائٽي طرفان به مزار تي حاضري ڀري سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

ان سلسلي ۾ شيخ اياز يادگار ڪميٽي جي چيئرمين ديوان گاگن داس جو چوڻ آهي ته هر سال جيان سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز جي ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاھه جي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي سندس آخري آرام گاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي، راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي ويندي. ورسي جي موقعي تي ثقافت کاتي جا عملدار، سول سوسائٽي جا اڳواڻ، اديب، دانشور، شاعر، ليکڪ ۽ صحافي به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. تقريب دوران شيخ اياز کي سندس شاعري ۽ خدمت عيوض لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button