پاڪستانسنڌ

استادن کي ٽيڪنالاجي سکي ٻارن کي تعليم ڏيڻ گهرجي:حيدرآباد ۾ سيمينار

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس جي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن طرفان “سنڌ ۾ تعليم جي ترقي ۽ درپيش مسئلن” بابت هڪ ڏينهن وارو سيمينار اولڊ ڪئمپس ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ٽي اي او پرائمري حيدرآباد سٽي قاسم مري، ٽي اي او فيميل حميده زرداري، ڊاڪٽر طارق ڀٽي، ڊاڪٽر عابده صديقي، ڊاڪٽر غلام علي، پي ايڇ ڊي اسڪالر جميل احمد قريشي ۽ ايم فل اسڪالر محمد عارف لوڌي سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي فئڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ٽي اي او سٽي پرائمري محمد قاسم مري، حميده زرداري، طارق ڀٽي، عابده صديقي ۽ ٻين چيو ته استادن کي بهترين موقعو مهيا ڪيو ويو آهي ته جيئن هو اسڪولن خاص ڪري پرائمري سطح تي تدريس ۽ سکيا جي بهترين طريقن تي بحث ڪن. هنن چيو ته ٽيڪنالاجي شاگردن جي سکيا واري طريقي کي بدلائي ڇڏيو آهي، استادن کي به ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکڻي پوندي ۽ استادن کي گهرجي ته هو تدريس جي طريقن کي جديد ٽيڪنالاجي تحت ترتيب ڏين، شاگردن کي اهڙو ماحول ڏنو وڃي، جنهن ۾ هو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ۽ موثر طريقي سان سکي سگهن. هنن چيو ته جديد دور کي نظر ۾ رکندي استادن کي ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ رکي ٻارن کي تعليم ڏيڻ گهرجي، اهڙي عمل سان ايندڙ نسل بهتر مستقبل ماڻي سگهي ٿو. سيمينار ۾ محمد عارف لوڌي ۽ ٻين پرزنٽيشن پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button