پاڪستانسنڌ

سنجهورو ۾ بيواهه عورت جو لاش رکي 10 ڪلاڪ احتجاج

سنجھورو: سنجهورو ۾ بيدردي سان قتل ڪيل بيواهه عورت جو وارثن لاش رکي 10 ڪلاڪ احتجاج ڪيو. سينيٽر ڪرشنا ڪولهي پهچي احتجاج ختم ڪرايو. پوليس پاران گهرايل کوجي ڪتا عورت جي والد ۽ ڀا جي گهر ۾ ويهي رهيا. ان سلسلي ۾ سنجهورو جي ڳوٺ ڊپٽي ۾ 40 ورهين جي عورت ديا ڀيل بيواهه گلوڪو ڀيل کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي بعد تعلقي اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپو وارثن حوالي ڪيو، جن روڊ تي لاش رکي 10 ڪلاڪ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. اطلاع تي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي پهچي وئي، جنهن وارثن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، جنهن بعد وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا ۽ دفنايو. آخري رسمن ۾ پ پ مينارٽي ونگ ضلعي سانگهڙ جي صدر من موهن داس، پ پ جي صوبائي اڳواڻ راجيش ڪمار ھرداساڻي، پ پ مينارٽي ونگ اڳواڻ سندر داس، خوشحال داس، ڊاڪٽر پريم، عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالستار رند، ايس ٽي پي اڳواڻ جبار جوڻيجو، ھيومن رائيٽس جي اڳواڻ عبدالغفار نظاماڻي سميت شھرين، مختلف سياسي سماجي ۽ مذھبي تنظيمن جي اڳواڻـن سان گڏ ڀيل برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سنجھورو محمد جمن کوسو ٻڌايو تھ واقعو تمام دردناڪ آھي، ڪيس کي ھر رخ کان ڏسون پيا، ھر رخ تي جاچ ڪريون پيا، وارثن کي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو آھي، جن تدفين تائين انتظار ڪرڻ جو چيو، صبح سويري ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري گرفتاريون ڪنداسين، عورت جو خون رائيگان وڃڻ نه ڏبو. هوڏانهن سنجھورو پوليس کوجي ڪتا گھرايا، جيڪي عورت جي والد ۽ ڀا جي گھر ۾ ويھي رھيا. معلوم ٿيو آهي ته 40 سالن جي عورت ديا ڀيل کي سرنهن جي فصل ۾ بيدردي سان قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو. پوليس کي هٿ آيل لاش جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيل هو ۽ ڌار ڪيل سر کي به بخش نه ڪيو ويو، سر جي منهن تان کل ۽ وار به انتهائي وحشياڻي طريقي سان روڙيا ويا آھن. عورت جي ڇاتي ۽ ناز عضوي کي تيز اوزار سان بربريت سان وڍيو ويو ۽ جسم تي تشدد ڪري سڄي جسم جي کل لاٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button