پاڪستان

سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جو فيصلو

وفاقي ڪابينا سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جو فيصلو ڪندي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگردي جي واقعن تي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف مامرن تي مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي لاءِ توانائي بچت پلان تي عملدرآمد ۽ متبادل توانائي جو استعمال لازمي قرار ڏيندي سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت 30 سيڪڙو گهٽائڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪابينا پنجاب حڪومت پاران سينيئر پارليامينٽرين چوڌري اشرف کي 53 سال پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي شديد مذمت ڪئي. وفاقي ڪابينا ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي خلاف مسلسل جدوجهد تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن پاران تجويز ڪيل توانائي بچت پلان تي بحث ڪيو. اجلاس کي ڄاڻايل توانائي بچت پلان جي حوالي سان ڌرين سان هيل تائين جي ڪيل مشاورت تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سميت سمورين ڌرين سان مشاورت جي عمل کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن توانائي بچت پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان کي قوم جي حيثيت ۾ توانائي جي حوالي سان ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجا رويا ۽ طور طريقا بدلائڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته ٻارڻ جي مد ۾ درآمدي بل ۾ گهٽتائي لاءِ توانائي بچت پلان تي عملدرآمد ۽ متبادل توانائي جو استعمال لازمي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ونڊ پاور جي صلاحيت جي حوالي سان هڪ تفصيلي رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي کپت کي 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جنهن ۾ توانائي وارو وفاقي وزير، منصوبابندي وارو وفاقي وزير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ۽ قدرتي وسيلن ۽ لاڳاپيل سيڪريٽري شامل هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ نيشنل انرجي ايفيشنسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي توانائي بچت ۽ ڪفايت شعاري بابت هڪ آگاهي مهم پڻ تيار ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا کي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران اليڪٽرڪ بائيڪن جي استعمال کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پيٽرول تي هلندڙ موٽرسائيڪلن کي مرحليوار اليڪٽرڪ بائيڪن سان تبديل ڪيو ويندو. هن وقت پاڪستان 90 ڪمپنيون موٽرسائيڪلز ۽ آٽو رڪشا ٺاهي رهيون آهن ۽ ملڪ ۾ ساليانو 6 ملين موٽرسائيڪلز ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 22 ڪمپينن کي اليڪٽرڪ بائيڪ ٺاهڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بائيڪن کي هٿي ڏيارڻ سان ٻارڻ جي مد ۾ چڱي بچت ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ بائيڪ جي استعمال سان نه رڳو ٻارڻ جي بچت ٿيندي پر اهي ماحول دوست اليڪٽرڪ بائيڪون ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي جو سبب به بڻجنديون. وزيراعظم اليڪٽرڪ بائيڪس جي حوالي سان هڪ تفصيلي پلان اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا سويابين بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ڪمرشل ٽرانزيڪشن ايڪٽ 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي سفارش تي سڄي ملڪ ۾ قائم اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشنز جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ون اسٽاپ سروس ايڪٽ جي اصولي منظوري ڏني. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 21 ڊسمبر 2022ع ۽ 15 نومبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 26 ڊسمبر 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. ٻئي طرف وفاقي ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي سستو اٽو پروگرام 30 جون تائين جاري رکڻ جي منظوري به ڏني، جنهن تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورن کي 4 ارب 9 ڪروڙ 80 لک رپيا گرانٽ ملندي، دفاع واري وزارت لا به 9 ارب 76 ڪروڙ 70 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button