تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻي آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا سياسي انجنيئرنگ ڪري ملڪ ۾ چورن جي حڪومت آندي، سندس نظر ۾ سياستدانن جي ڪرپشن بي معنيٰ هئي، ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي، مون کي چونڊون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. لاهور ۾ صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هاڻي ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چُڪو آهي، باجوا هن ملڪ تي وڏو ظلم ڪري ويو، اسٽيبلشمينٽ جو نالو جنرل باجوا هو، آمريڪا ۾ منهنجي خلاف لابنگ لاءِ حسين حقاني جون خدمتون ورتيون ويون، آمريڪا کي اهو تاثر ڏنو ويو ته جنرل باجوا آمريڪا جو حامي ۽ مان آمريڪا جو مخالف آهيان. پي ٽي آ سربراهه چيو ته ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت آڻڻ جو شوشو اٿاريو پيو وڃي، اسان جو هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ڪو به رابطو ناهي، مون کي ملڪ ۾ چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، حڪومت کان وڌيڪ پٺيان ويٺل ماڻهن جو چونڊن لاءِ راضي ٿيڻ ضروري آهي، جيستائين قانون جي حڪمراني قائم نه ٿيندي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ملڪ تي هن وقت جهنگ جو قانون لاڳو آهي ۽ قبضا گروپ مڙهيا ويا آهن، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ بنا پاڪستان جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪا سياسي انجنيئرنگ ڪئي وئي ته ان جا نتيجا بهتر نه هوندا. پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي جو مينڊيٽ نه مڃيو ويو، اسان جي حڪومت ۾ ڊيفالٽ جو 5 سيڪڙو خطرو هو جيڪو هاڻي وڌي 90 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا مفاد پرڏيهي ملڪن ۾ آهن، ٻنهي خاندانن جا مفاد پاڪستان سان جڙيل ناهن ته ان سان ميثاق معيشت ڪيئن ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close