اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي جي لعنت کي عوام جي خواهشن موجب ختم ڪيو ويندو:ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي عوام جي خواهشن موجب ختم ڪرڻ ۽ بنا فرق جي وڙهڻ جو عزم ورجايو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر مطابق 254 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس 27 ۽ 28 ڊسمبر تي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿي، جنهن جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير ڪئي. آ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي پيشيوراڻن ۽ تنظيمي معاملن جو گڏيل ۽ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي وڙهڻ ۽ دهشتگردي جي لعنت کي عوام جي خواهشن موجب ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button