پاڪستانسنڌ

جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿيون ته ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار نه رهندا:بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ٽئين پارليامينٽ آهي جيڪا پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي، جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿيون ته عمران خان جا سهولتڪار ڪنهن به اداري ۾ نه رهندا ۽ کيس ان ڳالهه جي ئي وڏي ۾ وڏي پريشاني آهي، تنهن ڪري هو نفرت، ڪوڙ، ورهائڻ، باهيون ڏيڻ ۽ گهيرا واري سياست ڪري رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته آمريت جو دروازو کُلي ۽ هو پردي پٺيان ڳٺ جوڙ ڪري هڪ ڀيرو وري وزيراعظم بڻجي، خان صاحب جو پهريان اِهو ضد ۽ سازش هئي ته اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سندس سهولتڪارن جي موجودگي دوران چونڊون ٿين ۽ هو ڪامياب ٿئي، اسٽيبلشمينٽ مان سندس سهولتڪار ته هليا ويا پر ڪنهن ٻئي اداري ۾ شايد سندس سهولتڪار اڃا موجود هجن. پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ حڪومتون پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهيون هيون، اسان پارليامنٽ جو آئيني مدو يقيني بڻايو، 2007ع کان 2013ع تائين، وري 2018ع ۽ هاڻ 2023ع تائين پارليامنٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي. بلاول چيو ته جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿينديون ته عمران خان جا سهولتڪار ڪنهن به اداري ۾ موجود ناهن رهندا، عمران خان کي ان ئي ڳالهه جي تڪليف آهي انڪري ڪوڙ، نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست ڪري رهيو آهي، اليڪشن جي قانون ۽ آئين مطابق پارليامينٽ جو مدو هوندو آهي، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪندي آهي ۽ ان کان پو چونڊون ٿينديون آهن، عمران هر قسم جا حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ٻوڏ، معاشي مسئلن ۽ بيروزگاري باوجود عمران خان چاهي ٿو ته پارليامنٽ پنهنجو مدو پوري نه ڪري ۽ جهموري ترقي نه ٿئي. هينئر جڏهن اڃا تائين ٻوڏ جي اثر مان گذري رهيا آهيون ۽ جڏهن مهانگائي عروج تي آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، اسان معاشي طور ڏکيائين ۾ ورتل آهيون، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان چاهي ٿو ته سندس ضد کي پورو ڪيو وڃي، عوام جا مسئلا ڀلي حل نه ٿين. بلاول چيو ته ڪهاڻي ختم ٿي وئي، توهان کي ياد هوندو ته جڏهن اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ڪڍيو ويو ته هو وڏيون دعوائون ڪندو هو ته خبر ناهي ڪهڙو انقلاب آڻيندو، مون کي خبر ناهي ته هاڻي هو ڪٿي آهي، مشرف هاڻي ماضي جو حصو بڻجي چڪو آهي، ائين ئي مشرف جي باقيات عمران خان يا ٻيا جيڪي به سندن ساٿي آهن، جيڪڏهن هي جمهوريت جو ساٿ نه ڏيندا ۽ جيڪڏهن هنن جو اليڪشن ۾ اهو موقف هوندو ته فوج منهنجي مدد ڪري، ملڪ جا ادارا پي ٽي آ ٽائيگر فورس بڻجي ڪم ڪن، جيڪڏهن اهو موقف هوندو ته آئين کي ٽوڙيو وڃي ته جيئن ڇهن کان وزارت اعظميٰ کان محروم شخص کي آئين ٽوڙي زبردست ٻيهر وزيراعظم بڻايو وڃي، منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جو سياسي بيانيو جمهوريت جي خلاف هوندو آهي، پاڪستان جي عوام کي جڏهن به موقعو مليو آهي عوام غير جمهوري قوتن ۽ سليڪٽڊ قومن کي شڪست ڏياري ۽ جمهورين قوتن کي چونڊرايو آهي. ٻئي طرف سرڪاري خابرو اداري اي پي پي مطابق پرڏيهي وزير عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لا سڌريل ملڪن کي پٺتي پيل ملڪن کي معاوضو ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان کان علاوه هڪ وڌيڪ عملي ۽ حقيقت پسند سوچ طور اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button