سنڌ

رتيدري ۾ پيرسن عورت جو پٽ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

رتيديري ۾ پيرسن عورت جو پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتوديرو جي ڳتيل آبادي واري محلي نادر شاهه مان ڏيڍ مهينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل امتياز پٽ پيراڻو لولائي جي بازيابي لاءِ سندس پيرسن امڙ گجر خاتون لولائي رتوديرو پريس ڪلب پهچي پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته پٽ کي گهران ڪار سوار سڏي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جنهن بعد هن جي ڪا خبر نه پئي ته هو ڪٿي آهي هن چيو ته هاڻي اسان کي ويڊيو موڪلي وئي آهي جنهن ۾ هن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن 20 لک ڀنگ جي گھر ڪئي آهي، اسان وٽ ايتري سگهه ناهي جو ڀنگ ڀري سگھون. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي. رتوديرو ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته اسان وٽ اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو ۽ نه ئي وري اسان کي اهڙي قسم جو ڪو اطلاع مليو آهي، باقي جنهن همراهه جي اغوا جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهو پاڻ ڪنڌڪوٽ ڪشمور پاسي ويل هو ۽ هن جا انهن ماڻهن سان واسطا پڻ آهن جن کيس پاڻ وٽ سوگھو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button