سنڌ

ٻن سالن کان سنڌ صوبو پوليو کان پاڪ آهي:عذرا پيچوهو

صوبائي وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر عذره پيچوهو، چيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان سنڌ صوبو پوليو کان پاڪ ٿي ويو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ان کي برقرار رکيو وڃي. اهڙو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ (پرفارمنس رويو اينڊ ايپريسيئيشن سيريمني فار پوليو اريڊيڪيشن انيشيٽو لاڙڪاڻه اينڊ سکر ڊويزن) جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪمشنرز، ٻنهي ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرز، ڊي ايڇ اوز، ايم ايسز ۽ ٻين واسطيدارن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير کي نقشن ۽ چارٽن ذريعي پوليو بابت صحت کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏني، جنهن تي هن پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ کين هدايتون ڏنيون ته اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ صوبو هميشه لاءِ پوليو کان پاڪ ھجي.. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گھنور علي لغاري ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ڊپٽي ڪمشنرز ۽ صحت کاتي جي عملدارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صوبي جي عوام کي وڌ کان وڌ صحت سهولتون سندن درن تي ڏيون. ان لاءِ لاڙڪاڻي ۾ نئون ٽراما سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽراما سينٽر شروع ٿيڻ ۾ دير ان ڪري ٿي آهي جو اهو سرجيڪل ايمرجنسي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بعد ۾ هن کي سرجيڪل ۽ ميڊيڪل ايمرجنسي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن مريضن کي وڌيڪ سهولتون ڏئي سگھجن. ان بعد هن نئين تعمير ٿيل ٽراما سينٽر جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي مختلف شعبا گھمي ڏٺا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button