سنڌ

وارهه ۾ ٻوڏ متاثرن جو فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاج

وارهه ۾ شاهه لطيف ڪالوني ۽ مٺا ڪالوني جي ڪچي آبادي جي رهواسين ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد صلاح چانڊيو، صدرالدين چنو، محمد نواز چانڊيو، محمد رمضان چنو ۽ ٻين چيو ته برسات ۽ ٻوڏ ۾ ذڪر ڪيل محلن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، غريب ماڻهن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا ماڻهن جو مالي ۽ جاني نقصان ٿيو، پر ان هوندي به غريبن کي ڄاڻي واڻي ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪيو ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. گذريل پنجن ڏينهن کان وٺي متاثر ماڻهو روڊن ۽ رستن تي حقن لا ٻاڪاري رهيا آهن پر ڪير نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هنن جو چوڻ هو ته ماڻهو بکون ڪاٽي رھيا آھن احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته جدوجهد کي نئي رخ ۾ وٺي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button