سنڌ

قمبر ۾ عورتن جي ڀلائي لا سيف هائوس قائم ڪيو آهي:شهلا رضا

قمبر ۾ صوبائي وزير سيده شهلا رضا قمبر ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ سيف هائوس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ عورتن لاءِ تمام وڏا مسئلا آهن ڪيتريون ئي عورتون ظلم برداشت ڪري رهيون آهن انهن سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو ويندو. والدين کي گھرجي ته پنهنجي نياڻين جي مستقبل جو فيصلو بهتر هنڌ تي ڪن اسان قمبر ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ سيف هائوس قائم ڪيو آهي، جتي عورتن کي تحفظ ڏنو ويندو، سيف هائوس ۾ عورتن کي هنري سکيا پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي سنڌ ڪميشن چيئرپرسن نزهت شيرين،سرسو آفسير اسد علي جتوئي،سيف هائوس آفيسر طاهر علي ڪوريجو ياسمين چانڊيو موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button