اسلام آبادپاڪستان

هائيڪورٽ اسلام آباد ۾ ڇنڇر تي ئي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي گاديءَ واري هنڌ جون مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف داخل درخواستون منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن کي اڄ ئي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ارباب محمد طاهر شنوائي ڪئي. شنوائي دوران اليڪشن ڪميشن طرفان لکت وارو جواب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو. اليڪشن ڪميشن خرچن جا تفصيل هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرايل بيان مطابق اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت هن وقت 5 ڪروڙ 52 لک 97694 رپيا خرچ ٿيا. اليڪشن ڪميشن کي 15 ڪروڙ 72 لک 48694 رپيا رکيا ويا، ادائگي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ، چونڊ مٽيريل، اسٽيشنري، پيٽروليم چارجز جي مد ۾ ٿي. مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاءِ سنجيده آهيون، اسان بروقت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سيڪشن 2019(1) تحت لوڪل گورنمينٽ قانون کي نظر ۾ رکندي چونڊون ڪرايون ويون، جڏهن ته چونڊن جي تياري مڪمل ٿيندي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قانونن ۾ تبديليءَ سان بروقت اليڪشن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي آهي. سيڪشن 2019(1) ۽ (4) پاڻ ۾ ٽڪراءُ ۾ آهن، سيڪشن 219(1) لوڪل گورنمينٽ قانون تحت صوبائي ۽ مرڪز ۾ مڪاني چونڊن جو مينڊيٽ ڏئي ٿو، اليڪشن ڪميشن لاءِ 120 ڏينهن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون قانونن ۾ تبديلي ڪن ٿيون ته چونڊون ڪرائڻ ۾ مشڪلات پيدا ٿئي ٿي. اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 140-اي اليڪشن ايڪٽ 2019 ۾ ترميم جي تجويز ڏني آهي، قانون ۾ ترميم جو مقصد مرڪز يا صوبائي حڪومتن کي اليڪشن جي ويجهو قانونن ۾ ترميم کان روڪيو آهي. عدالت ٻنهي ڌُرين جو مؤقف ٻُڌڻ بعد چونڊون اڄ ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علي نواز اعواڻ ۽ جماعت اسلامي جي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ۽ پٽيشنز منظور ڪري ورتيون. عدالت عاليا جي جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلو ٻڌايو ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪري. عدالت گهرو وزارت جو 19 ڊسمبر ۽ اليڪشن ڪميشن جو 27 ڊسمبر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button