پاڪستانسنڌ

لنگهن جي بحالي لا مفت ڪيس وڙهڻ لا تيار آهيون:سڪندر ڪولاچي

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ڀيل لائير فورم طرفان ايڊووڪيٽ چنڊيرام ڀيل جي آفيس جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن دوران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي نئين باڊي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. آفيس جو افتتاح ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل آف سنڌ مير نعيم ٽالپر، ميرپورخاص بار جي صدر سڪندر ڪولاچي، ايڊووڪيٽ محبوب ڪپري، ايڊووڪيٽ شوڪت راهمون، غفار ناريجو ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر شير محمد وساڻ ڪيو. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته نئون ڪوٽ بئراج ۽ ٿر جو سنگم آهي، جتي انيڪ مسئلا آهن، نئون ڪوٽ جھڙي پٺتي پيل شهر ۾ چنڊيرام ڀيل آفيس کولي سٺو ڪم ڪيو آهي، اسان ھر ممڪن تعاون لاءِ تيار آھيون. هنن چيو ته قديمي قدرتي لنگهھ بند ھجڻ سبب گذريل سال اڌ سنڌ ٻڏي وئي، قدرتي لنگھن جي بحالي لاءِ اسان مفت ۾ ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار آھيون. نئون ڪوٽ بئراج ۽ ٿر جو گيٽ وي آھي ۽ ڪيترائي اشو آهن، انهن کي اٿارڻ معاشري جو ڪم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button