پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ نئين سال جي خوشي ۾ تقريب، نجيب ابڙو جي مان ۾ آجياڻو

حيدرآباد: حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ نئين سال جي آمد تي ابڙا ڏيئا ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نئين سال جي شروعات جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن بعد نجيب الله ابڙو کي گسٽا حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري چونڊڻ تي ابڙا ڏيئا ويلفيئر جي اڳواڻن گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏئي آجياڻو ڏنو. ان موقعي تي ابڙا ڏيئا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين اشتياق ابڙو آجياڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان برادري جي غريب ماڻهن جي هر وقت خدمت ڪندا رهنداسين، جلد قاسم آباد ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويندي، جنهن مان غريب ماڻهن کي وڏو فائدو ٿيندو. صدر عنايت الله ابڙو چيو ته غريب ماڻهن جي صحت ۽ تعليم لا ڪم ڪري رهيا آهيون، غريب ۽ مزدور طبقي جي معصوم ٻارن جي تعليم لا هڪ پروگرام ترتيب ڏئي رهيا آهيون. جنرل سيڪريٽري عبدالرشيد ابڙو چيو ته غريب ۽ مزدور طبقي ۾ جيڪڏهن ڪا فوتگي ٿي ته اسان جي ويلفيئر پاران ان جي ڪفن جو بندوست ڪيو ويندو. آجياڻي کي خطاب ڪندي گسٽا حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري نجيب الله ابڙو چيو ته ابڙا ويلفيئر جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان، جنهن مان ڏنو، برادري جي هر ماڻهو جي هر وقت خدمت ڪندو رهندس. آجياڻي ۾ نثار احمد ابڙو، جان محمد ابڙو، پروفيسر محمد عيسى ابڙو، ڊاڪٽر خادم حسين ابڙو، ڪي بي ابڙو، وحيد علي ابڙو، غلام رسول ابڙو ۽ اياز احمد ابڙو شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button