پاڪستانسنڌ

اسڪروٽني جي آڙ ۾ نوڪري مان ڪڍيو پيو وڃي:گسٽا حيدرآباد

حيدرآباد: گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس الائنس 2012ع حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻن اعجاز کوسو، نجيب ابڙو، غلام رسول خاصخيلي ۽ ٻين ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 11 سالن کانپو 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل اڌر ڪيڊر استادن جي اهليت چيڪ ڪرڻ جي نالي تي اسان خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ايڇ آر 24 ڊسمبر 2022ع تي حيدرآباد آيو، جنهن 138 استادن جي اسڪروٽني ڪري 29 ڊسمبر 2022ع تي رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانهن موڪلي. هنن چيو ته ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪهڙي مشين ڪئي جو 4 ڏينهن ۾ ويريفيڪيشن ٿي وئي ۽ رپورٽ به ٺهي وئي؟. جڏهن ته اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي ڀرتيون غيرقانوني آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن ڀرتيون غيرقانوني آهن ته سڀ کان پهرين آفيسرن کي سزا وڃي ۽ پو هيڊماسترن کي نوڪرين مان ڪڍيو وڃي، پر انهن آفيسرن ۽ هيڊماسترن کي پروموشن ۽ اسان کي نيڪالي ڏني پئي وڃي، جيڪو ظلم آهي. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر اهڙي رپورٽ واپس نه ورتي وئي ته تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري جي هر پروگرامن ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري سموري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button