پاڪستانسنڌ

پ پ، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف آئي ايم ايف جون ايجنٽ آهن:سراج الحق

حيدرآباد/ بدين/ گولاڙچي: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف کي سئو سالن لا اقتدار مليو، تڏهن به هي ڪجهه نه ڪري سگهندا. هي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جون ايجنٽ جماعتون آهن. شهباز شريف، بلاول ۽ عمران خان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن. 75 سالن کان ملڪ تي قابض ڪرپٽ سياسي ٽولي ۽ اسٽيبلشمينٽ قوم کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. خزاني ۽ توشاخانه کي سڀني لٽيو، جيڪو ڪم عدالتون ۽ نيب نه ڪري سگهي آهي، اهو ڪم اسان ڪري ڏيکارينداسين. 30 سالن کان حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بڻيل ايم ڪيو ايم حيدرآباد جهڙي شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد جي باغ مصطفيٰ گرائونڊ يونٽ نمبر 8 ۾ بلدياتي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سراج الحق چيو ته استحصالي قوتن جي وفادار قومي سياست ۽ معيشت تي قابض حڪمران جماعتن گڏجي ملڪ کي بند گلي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي احتساب جون مخالف جماعتون آهن. حڪمرانن ڪرپشن کي زور وٺرايو. ملڪ ۾ مايوسي سبب لکين نوجوان پريشان ٿي روزگار جي تلاش ۾ ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا، پر حڪمرانن کي انهن جي ڪا پرواهه ناهي. هن چيو ته سوا 3 ڪروڙ ٻوڏ متاثرن جي ڪا به خبر نه ورتي وئي. سرڪاري ۽ عالمي امداد ڪيڏانهن وئي، تنهن جي ڪنهن کي ڪا به خبر نه آهي. وقت اچي ويو آهي ته پراڻي نظام ۽ ان جي محافظن مان نجات حاصل ڪئي وڃي. پاڪستان کي اسلامي نظام جي ضرورت آهي. عوام ڪرپشن کان پاڪ اسلامي فلاحي پاڪستان جي منزل جي حاصلات لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ 30 سالن دوران ڪا به تبديلي نه آئي، نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ختم ڪيا ويا آهن، ان ڪري اهي ٻين شهرن ڏانهن وڃي رهيا آهن. ان موقعي تي محمد حسين محنتي، عقيل احمد خان ۽ ٻين به خطاب ڪيو. هوڏانهن بدين جي کوسڪي روڊ مسجد اقصى واري ميدان تي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ جڏھن آئون سينيئر صوبائي وزير ۽ خزاني جو وزير ھئس ته ان وقت صوبي تي ھڪ رپيو به ٻاھريون قرض نه ھو، ھن وقت تحريڪ انصاف حڪومت ھوندي صوبي مٿان 900 سئو ارب رپيا قرض آھي. ھن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ ڳٺجوڙ وفاقي حڪومت ملڪ جا وسيلا ھوندي ٻاھرين قرض ۾ غرق ٿي وئي آھي ۽ ملڪ معاشي طور تباهھ ٿي ويو آھي. ھن سنڌ جي حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته 2022ع ۾ سنڌ جي 17 ضلعن ۾ تباھڪن برساتون پوڻ ۽ سم نالن جي اٿلڻ سبب ٽنڊو باگو تعلقو جي تباھي بعد سنڌ جي ھزارين خاندانن جي بحالي لا اوھان کي 87 ارب ڊالر مليا، انھن مان گھڻن برسات متاثرن کي اوهان رقم ڏني. آصف زرداي ۽ مراد شاھه عوام جي پئسن تي عياشي ڪن ٿا. اڄ سنڌ جي عوام کي اٽو 140 رپيا ڪلو ڏنو پيو وڃي، ھي حڪمران اربين رپين جون شوگر ملون ٺاھي وڏن ھوٽلن ۾ عوام جي پئسي تي عيش ڪري رھيا آھن. سراج الحق اعلان ڪيو ته پ پ حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ مھانگائي خلاف بدين کان تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪريان ٿو. جلد وزيراعلى هائوس سنڌ جو گھيرا ڪنداسين. ان کان اڳ مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، محمد حسين محنتي، صوبائي سيڪريٽري ملڪ آفتاب، عبدالحفیيظ بجاراڻي، عبدالقدوس، پير مجدد سرهندي، ضلعي امير علي مردان شاھه جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻئي پاسي سراج الحق گولاڙچي پهچي ڊاڪٽر اسد امجد واهلا جي مرحوم والد چوڌري عبدالمجيد واهلا جي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ جو لانگ مارچ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان وڌ ڪجهھ به نه هو، ان دور جي نسبت حالتون وڌيڪ خراب آهن، هاڻ لانگ مارچ ڇو نه پيو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر اسد امجد واهلا، ڊاڪٽر عبدالروف واهلا، ايڊووڪيٽ عدنان فاروق مهر، فراز سنڌو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button